ڪراچي ۾ فرانس جي قونصل خاني ٻاهران چڪرين دوران گولي لڳڻ سبب هڪ ڄڻو سخت زخمي 3 بيهوش

فرانسيسي ميگزين پاران گستاخ خاڪا ٻيهر شايع ڪرڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ جماعت اسلامي، جي يو آءِ ۽ ٻين مذهبي پارٽين جا احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن، ڪراچي ۾ فرانس جي قونصل خاني ٻاهران چڪرين دوران گولي لڳڻ پرڏيهي خابرو اداري جو فوٽو گرافر سخت زخمي ٿي پيو ۽ 3 ٻارڙا بهيوش ٿي ويا آهن.

ڪراچي ۾ فرانسيسي ميگزين پاران توهين آميز خاڪا ٻيهر شايع ڪرڻ خلاف سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.

ڪراچي جي تين تلوار واري علائقي ۾ جماعت اسلامي، جي يو آءِ ۽ ٻين مذهبي جماعتن جي فرانسيسي قونصل خاني ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش دوران پوليس سان چڪرين ۾ پرڏيهي خابرو اداري جو فوٽوگرافر آصف حسنين سيني ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو آهي.

پوليس موجب، احتجاج ڪندڙن کي روڪڻ دوران فائرنگ ۾ ڊفينس ٿاڻي تي مقرر اهلڪار خالق سخت زخمي ٿي پيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*