ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪاررواين دوران 5 دهشتگردن سميت 11 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا

Rangers-Karachi-121016

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪاررواين دوران 5 دهشتگردن  سميت 11 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا، مبينا ٽائون مان گرفتار ڪيل پرڏيهي دهشتگرد نازق مير پاران دهشتگردن جي سهولتڪاري جو انڪشاف، پوليس موجب نازق مير ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ دهشتگرد ڪاررايون ۾ به ملوث رهيو آهي.

رينجرز ترجمان موجب نيو ڪراچي، شاه فيصل ڪالوني، گلشن اقبال ۽ اورنگي سميت مختلف علائقن ۾  ڪاررواين دوران 11 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.

ترجمان موجب گرفتار ڪيلن ۾ 3 پابندي مڙهيل تنطيم جا دهشتگرد، 2 ٽارگيٽ ڪلر ۽ هڪ عسڪري ونگ جو ڏوهاري شامل آهي.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن مبينا ٽائون مان ڳجهن ادارن هٿان گرفتار دهشتگرد نازق مير انڪشاف ڪيو آهي ته هن ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به دهشتگرد ڪاررايون ڪيون.

پوليس موجب دهشتگرد جاچ دوران دهشتگردن جي سهولتڪاري جي اعتراف سان گڏ اهم نڪشاف ڪيا آهن، جنهن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*