ڄامشوري ۽ قمبر ۾ بجليءَ جا لاٿل ٽرانسفارمر ٻيهر نه لڳائڻ ۽ بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

jamshoro hesco

ڄامشوري ۽ قمبر ۾ بجليءَ جا لاٿل ٽرانسفارمر ٻيهر نه لڳائڻ ۽ بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

ڄامشوري ۾ ڪامريڊ جوشيلَي سنڌي، برڪت شاهه ۽ سليمان ڀلائي جي اڳواڻيءَ ۾ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهري بعد ريلوي ڦاٽڪ وٽ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گذريل هڪ هفتي کان سيدآباد، غريب آباد ڪالوني، ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۽ ڳوٺ عبدالله چاوڙو جي بجلي ڪٽيل آهي، جڏهن ته 12-12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ سبب شهري سخت پريشان آهن.

قمبر ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي ضلعو سينگاريو ۽ شهري اتحاد جي حافظ عذير جاگيراڻي ۽ اسلم تنيو جي اڳواڻيءَ ۾ بجليءَ جي لوڊشيدنگ ۽ 17 ٽرانسفارمر لاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻ هنيا ويا.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته شهرن مان بنا جواز ٽرانسفارمر لاهڻ جو سلسلو بند ڪري بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*