چوٽياريون ڊيم سبب سانگهڙ جي 5 يونين ڪائونسلز جا هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ زمين متاثر ٿيڻ لڳي، ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا

sanger sim tabhai

چوٽياريون ڊيم سبب سانگهڙ جي 5 يونين ڪائونسلز جا هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ زمين متاثر ٿيڻ لڳي، ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

مختيار باجوه، ميرمحمد بهڻ ۽ انور بگٽي جي اڳواڻيءَ ۾ ڳوٺاڻن چوٽياريون ڊيم ٻاهران ۽ يونين ڪائونسل ڍورو جانب جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته چوٽياريون ڊيم جي افتتاح وقت تڏهوڪي وزيراعظم ظفر الله جمالي سم کان بچاءُ لاءِ هڪ سئو ٽيوب ويل لڳائڻ جو اعلان ڪيو پر اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته چوٽياريون ڊيم تي ٽيوب ويل لڳائي چئني پاسن کان کڏا کوٽيا وڃن ته جيئن زمينون ڪلر جي ور چڙهڻ کان بچي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*