سنڌ اسميبلي آفاقي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سکن جي روحاني پيشوا بابا گرونانڪ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارا ٺهراءَ اتفاق راءِ سان منظور ڪيا

national assembly

سنڌ اسميبلي آفاقي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سکن جي روحاني پيشوا بابا گرونانڪ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارا ٺهراءَ اتفاق راءِ سان منظور ڪيا، ثقافت واري وزير سردار شاهه ۽ ٻين ميمبرز چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي،امن ڀائيچاري ۽ ظلم خلاف جدوجهد جو درس ڏنو آهي، متحده اڳواڻ خواجه اظهار چيو آهي ته ڪراچي جي ماڻهن جا مسئلا حل نه ٿيا ته هو روڊن تي ايندا، ڄام خان شورو چيو آهي ته متحده هزارين ماڻهو ڀرتي ڪري ڪي ايم سي کي تباهه ڪيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس جي شروعات ۾ شاهه نوراني سانحي جي شهيدن ۽ پ پ اڳواڻ جهانگير بدر کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.

ميمبرز شاهه نوراني ڌماڪي جي مذمت ڪندي دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ جو عزم ورجايو.

پ پ ميمبرز جهانگير بدر کي خراج تحسين پيش ڪندي سندس پارٽي ۽ جمهوريت لاءِ ڪيل خدمتن جي ساراهه ڪئي.

سنڌ اسيمبلي اجلاس دوران صحت واري وزير ميمبرز جي سوالن جا جواب به ڏنا.

اجلاس دوران ثقافت واري وزير سيد سردار شاه لاکيڻي لطيف کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

سيد سردار شاهه، خيرالنساءَ مغل ۽ ٻين ميمبرز شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ڀٽ ڌڻي امن، محبت، ڀائيچاري ۽ ظلم خلاف جدوجهد جو درس ڏنو آهي، سندس ڏسيل واٽ تي هلڻ سان دنيا ۾ امن قائم ٿي سگهي ٿو.

ايم ڪيو ايم ميبر ديوان چند چاولا سکن جي روحاني پيشوا بابا گرونانڪ جي سالگره جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جنهن کي به اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ خواجه اظهار چيو ته  ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي مسئلن جو ڳڙهه بڻجي ويا آهن، ڪي ڊي اي پارڪس جي زمينن جي چائنه ڪٽنگ ڪئي وئي آهي ۽ قبضا مافيا مڪاني کاتي جي وزير جو نالو استعمال ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته پينشن نه ملڻ سبب ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن.

خواجه اظهار چيو ته ڪراچي جي ماڻهن جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته هو روڊن تي نڪري ايندا.

مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شورو خواجه اظهار کي جواب ڏيندي چيو ته ڪي ايم سي کي ايم ڪيو ايم وارن تباهه ڪيو آهي، هزارين ملازم ڀرتي ڪري ستين گريڊ جي ملازم کي 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي.

هن چيو ته ڪي ڊي اي جي زمين تي هنن قبضا نه ڪيا آهن پر سموري دنيا ڏٺو ته ايم ڪيو ايم پارڪس جي زمينن تي قبضا ڪري آفيسون قائم ڪيون.

ڄام خان شوري چيو ته ڪي ايم سي کي تباهه ڪندڙ  ايم ڪيو ايم وارا اجايو الزام لڳائي رهيا آهن، ملازمن جي پگهارن جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو.

مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس ايندڙ خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*