وزيراعظم نواز شريف لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي

Nawaz-Sharif-Pm-261016

وزيراعظم نواز شريف لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان ڪنهن به اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڀارت پاران جنگبندي جي مسلسل ڀڃڪڙي افسوسناڪ عمل آهي، جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.

هن چيو ته لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فوج جون اڳرايون ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان پاڙيسرين سان پر امن لاڳاپا چاهي ٿو پر ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ڪنهن به اڳڀرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*