ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال تي ويٺل آبپاشي ملازمن سنڌ اسميبلي آڏو ڌرڻو هنيو

khi aggriation

ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال تي ويٺل آبپاشي ملازمن سنڌ اسميبلي آڏو ڌرڻو هنيو، پوليس جي لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪري ڪيترن ئي ملازمن کي زخمي ڪري ڇڏيو، يونين اڳواڻ عبدالرحيم ڀارو سميت 50 کان وڌيڪ  ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو، آبپاشي صلاحڪار

چئن ڏينهن کان سن ڪوٽا، فوتي ڪوٽا، سروس اسٽرڪچر ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌڻو هڻندڙ آبپاشي ملازم سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ ڪري ڌرڻو هنيو.

پوليس مظاهرين تي ڪڙڪي پئي. لٺين ۽ واٽر ڪين جي استعمال سبب 20 کان وڌيڪ ملازم زخمي ٿي پيا.

پوليس لٺبازي باوجود ملازمن احتجاج جاري رکيو، جنهن کانپوءِ پوليس آبپاشي يونين جي صدر عبدالرحيم ڀارو سميت 50 ملازمن کي کنڀي وئي.

آبپاشي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار بابر آفنيدي چيو آهي ته ملازمن جا مطالبا گهڻي قدر منظور ڪيا ويا آهن، ملازمن جا 2 گروپ آهن هڪ ڳالهيون ۽ ٻيو احتجاج ڪري رهيو آهي.

بابر آفندي جو چوڻ هو ته ملازمن کي فوتي ڪوٽا تحت 117 نوڪريون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، ٽائيم اسڪيل ۽ ٻيا مطالبا به جلد تسليم ڪياويندا.

آبپاشي صلاحڪار جو چوڻ هو ته اڄ ٻيهر ملازمن سان رابطو ڪيو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*