لاکيڻي لطيف جو 273هون ساليانو عرس مبارڪ سڀاڻي کان لطيف جي نگري ڀٽ شاهه ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن

hala shah latif tyariya

لاکيڻي لطيف جو 273هون ساليانو عرس مبارڪ سڀاڻي کان لطيف جي نگري ڀٽ شاهه ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، پانڌيئڙن جي ڀٽ شاهه پهچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

لاکيڻي لطيف جو 273هون ٽن ڏينهن وارو ساليانو عرس مبارڪ سڀاڻي کان ڀٽائي جي نگري ڀٽ شاهه ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

صبح جو 10هين وڳي صوبائي وزير ڄام خان شورو ڀٽ ڌڻي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي عرس جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جو افتتاح ڪندو.

ڀٽائي سرڪار جي عرس جي پهرين ڏينهن تي سگهڙ ڪچهري، ملاکڙو، چوپائي مال جي نمائش، زرعي ۽ صنعتي نمائش، گهوڙن جي ڊوڙ ٿيندي، جڏهن ته ڀٽائي جي سر سورٺ راءِ ڏياڇ تي اسٽيج ڊرامو پڻ پيش ڪيو ويندو ۽ رات جو راڳ رنگ جي محفل ٿيندي.

عرس جي ٻئي ڏينهن تي عالمي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ صحت وارو صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو خاص مهمان هوندو، جڏهن ته ملڪ جي چئني صوبن سميت دنيا مان آيل اديب ۽ عالم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا.

عرس جي ٽئين ۽ آخري ڏينهن تي مختلف شعبن ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي لطيف ايوارڊ ڏنا ويندا، تقريب جي صدارت سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪندو.

لاکيڻي لطيف جي عرس دوران رات جو راڳ رنگ جي محفل ٽئي ڏينهن جاري رهندي، جنهن ۾ ناليوارا راڳي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.

ڀٽ ڌڻي جي عرس مبارڪ ۾ شرڪت لاءِ پانڌيئڙن جي ڀٽ شاهه آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته عرس جي موقعي تي ڀٽائي سرڪار جي روضي توڙي ڀٽ شاهه شهر کي چراغان ڪري ڪنوار جيان پڻ سينگاريو ويو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*