12 مئي سانحي سميت مختلف ڪيسن ۾ ضمانت تي آزاد ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چارج سنڀالي ورتي آهي

waseem akhter khi

12 مئي سانحي سميت مختلف ڪيسن ۾ ضمانت تي آزاد ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چارج سنڀالي ورتي آهي، وسيم اختر چيو آهي ته سنڌ حڪومت حق ڦٻايا آهن، ڪنهن سان ڪو ٽڪراءُ نه پر سمورا مسئلا خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا.

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چارج سنڀالي ورتي، وسيم اختر جي آفيس پهچڻ تي مٿس گل نڇاور ڪري آجيان ڪئي وئي.

چارج سنڀالڻ بعد ڊپتي ميئر ارشد وهرا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وسيم اختر چيو ته  ڪراچي مسئلن جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي، شهر ۾ موجود گند جو ذميوار وڏو وزير آهي.

ڪراچي جي ميئر جو چوڻ هو ته ڪراچي مسئلن جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي، سڀني سان گڏجي مسئلا حل ڪيا ويندا، پر موجوده اختيارن سان مسئلا حل نه ٿا ٿي سگهن.

وسيم اختر چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به چاهي ٿو ته سنڌ ۽ ڪراچي ترقي ڪن، تنهنڪري چونڊيل نمائندن کي اختيار ڏنا وڃن.

ان کان اڳ 12 مئي سانحي ڪيس جي ٻڌڻي دوران  عدالت ۾ پيشيءَ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪراچي جي ميئر چيو ته سنڏ حڪومت مڪاني نمائندن جا حق ڦٻائي ويٺي آهي، چونڊيل نمائندن کي اختيار ملڻ تائين ڪراچي شهر جا مسئلا حل نه ٿي سگهندا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*