پ پ سينيٽر رحمان ملڪ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکي پاناما پيپرز ۾ سندس نالو چيڪ ڪري حقيقتون سامهون آڻڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

Supreme-Court-18816

پ پ سينيٽر رحمان ملڪ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکي پاناما پيپرز ۾ سندس نالو چيڪ ڪري حقيقتون سامهون آڻڻ جي اپيل ڪري ڇڏي، رحمان ملڪ چيو آهي ته هڪ ڀارتي اخبار جي خبر کي بنياد بڻائي سندس حوالي سان ريمارڪس ڏنا ويا، جنهن ڪري هــُن جي ساک متاثر ٿي آهي.

پيپلز پارٽي جي سينيٽر رحمان ملڪ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي رجسٽرار جي نالي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ پاناما پيپرز ۾ سندس نالي بابت جاچ ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

خط ۾ رحمان ملڪ چيو آهي ته پاناما پيپرز ۾ سندس نالو نه آهي پر هڪ ڀارتي اخبار جي ڪوڙي خبر کي بنياد بڻائي سندس حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ ريمارڪس ڏنا ويا.

رحمان ملڪ پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته جسٽس عظمت سعيد جي ريمارڪس سبب سندس ساک متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري معاملي جي جاچ ڪرائي اصل حقيقتون سامهون آنديون وڃن.

رحمان ملڪ خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته جيڪڏهن سندس آف شور ڪمپني ثابت ٿي ته هــُو سياست هميشه لاءِ ڇڏي ڏيندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*