مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس نواز شريف جو مسئلو نه آهي

Khursheed-Shah-221016

مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس نواز شريف جو مسئلو نه آهي، پي ٽي آءِ کي ترڪي سان لاڳاپن کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪرڻ گهرجي ها.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي وقت ۾ تبديلي بابت ڪابه خبر ناهي، جڏهن ته بائيڪاٽ وارو فيصلو پي ٽي آءِ جو پنهنجو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته ترڪ صدر سان تاريخي لاڳاپن کي نظر ۾ رکندي پي ٽي آءِ کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ها، ڇوته هي نواز شريف جو نه پر ٻن ملڪن جو مسئلو هو.

خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ نمائندگي ڪرڻ گهرجي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*