سيپڪو چيف بلاول ميمڻ چيو آهي ته وزير اعظم جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ واري اعلان تي عمل ڪري رهيا آهيون

larkana sepco

سيپڪو چيف بلاول ميمڻ چيو آهي ته وزير اعظم جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ واري اعلان تي عمل ڪري رهيا آهيون، ميٽر جي غلط ريڊنگ لکندڙ ۽ بجلي چوري ۾ ملوث عملدارن کي نوڪري مان نيڪالي ڏني ويندي.

لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو چيف چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران واپارين بجلي جي بندش بابت شڪايتون ڪيون.

 سيپڪو چيف جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ شڪايتي سيل کي ٻيهر بحال ڪيو ويندو ۽ ڊيزنل سطح تي به شڪايت سيل قائم ڪبا ويندا.

سيپڪو چيف جو چوڻ هو ته هر ضلعي ۾ نوان  فيڊر لڳايا ويندا ۽ بجلي چوري کان بچڻ لاءِ صارفين کي آٽو ميٽر لڳائي ڏنا ويندا.

سيپڪو چيف چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ۾ اڍائي لک کان وڌيڪ چوري وارا ڪنيڪشن لڳل آهن، جن خلاف ڪارروائي جاري آهي.

هن چيو ته عوام بجلي چوري ڪرڻ بدران 2-2 سئو رپيا جمع ڪرائي ته کين ميٽر لڳائي ڏنا ويندا.

سيپڪو چيف جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ واري اعلان تي عمل ڪندي شهري توڙي ٻهراڙين وارن علائقن مان لوڊشيڊنگ گهٽائي وئي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*