ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار مڪاني نمائندن کي اختيار ڏيڻ لاءِ مهم هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي

khuwaja izhar

ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار مڪاني نمائندن کي اختيار ڏيڻ لاءِ مهم هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن کين شهيدن جي يادگار تي دعا گهرڻ نه ڏني وئي، ايم ڪيو ايم جو سڀ کان وڏو ووٽ بينڪ شهيدن جي وارثن جو آهي، اپيل ٿا ڪيون ته شهيدن جي يادگار تي دعا گهرڻ ڏني وڃي.

سنڌ اسيمبلي آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه چيو ته مڪاني نمائندن کي اختيار نه ملڻ سان عوامجا مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن، ڪراچي جي ميئر کي به اختيارن جي منتقلي نه ٿي سگهي آهي.

خواجه اظهار مڪاني نمائندن کي اختيار ڏيارڻ لاءِ مهم هلائڻ جو چتاءُ به ڏنو.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ متحده جي شهيدن جي يادگار تي دعا گهرڻ جي اجازت ڏيڻ جي اپيل پڻ ڪئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*