سکر ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن گذريل 13 مهينن جون رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

suk muncipal

سکر ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن گذريل 13 مهينن جون رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ملازمن علي مردان شيخ، جيئند علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل  13 مهينن  کان کين رهيل پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، جنهن ڪري هو سخت مالي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته کاتي پاران ميونسپل جي اڪائونٽ ۾ رقم اماڻي وئي آهي، پر  سکر جو ميئر  پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي آفيس  کي وقت ڏيندو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته کين رهيل پگهارون فوري طور جاري ڪري معاشي  پريشانين کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*