ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته داعش ۽ القاعده جهڙيون تنظيمن مسلمانن لاءِ نقصانڪار آهي

rajab tayyab

ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته داعش ۽ القاعده جهڙيون تنظيمن مسلمانن لاءِ نقصانڪار آهي، دهشتگرد تنظيمون مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، فتح الله گولن پينسلوانيا مان ويهي دنيا تي حڪمراني ڪرڻ چاهي ٿو، سندس خلاف ويڙهه ۾ سهڪار تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان جو تعلق ڪيترن ئي خاصيتن تي ٻڌل آهي، مان ترڪيءَ مان اسلام آباد لاءِ محبتون سهيڙي آيو آهيان، 2012 ۾ به پاڪستان جو دورو ڪيو هو ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو.

هـُن چيو ته پاڪستان پنهنجي قدر جي تحفظ سان گڏ جمهوري عمل مستحڪم ڪري مسلم دنيا لاءِ هڪ مثال پيش ڪيو آهي، پاڪستان جي خدمتن کي فراموش نٿو ڪري سگهجي.

ترڪ صدر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي رڳو لفظي نه پر حقيقي معنائن ۾ بردار ملڪ آهن، ٻئي ملڪ هڪٻئي جي ڏک ۽ سک ۾ برابر جا شريڪ هوندا آهن، ترڪي ۾ بغاوت ڪندڙ پاڪستان پهريون ملڪ آهي.

رجب طيب اردگان چيو ته اسلام امن ۽ سلامتي جو دين آهي، اسلام جو دهشتگردي سان ڪو به واسطو ناهي، دهشتگرد اسلام کي نقصان پهچائي رهيا آهن.

هن چيو ته اولهه دنيا داعش ۽ القاعده جي مدد ڪري رهي آهي، داعش جو اسلام سان ڪو به واسطو ناهي، گولن جي تحريڪ کي اولهندي دنيا جي حمايت حاصل آهي.

ترڪي جي صدر چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ويڙهه ڪري رهيو آهي، ترڪي به داعش ۽ ٻين تنظيمن خلاف جدوجهد ۾ مصروف آهي، داعش وٽان مليل هٿيار اولهندي ملڪن جا هئا، جن جي ترڪي نشاندهي ڪئي هئي.

رجيب طيب اردگان چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هر فورم تي اسلام آباد سان گڏ آهيون.

ترڪ صدر خطاب جي آخر ۾ پاڪستان زنده آباد جا نعرا پڻ هنيا، جڏهن ته تحريڪ انصاف پاران اجلاس مان بائيڪاٽ ڪيو ويو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*