پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته يوٽرن وٺڻ وارن مان نه آهيون، نواز حڪومت 4 مطالبا تسليم نه ڪيا ته 27 ڊسمبر کانپوءِ گو نواز گو گو جا نعرا لڳندا

Bilawal-Bhutto-51116

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته يوٽرن وٺڻ وارن مان نه آهيون، نواز حڪومت 4 مطالبا تسليم نه ڪيا ته 27 ڊسمبر کانپوءِ گو نواز گو گو جا نعرا لڳندا.

لاهور ۾ پ پ اڳواڻ جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جا 4 مطالبا جمهوريت جي مضبوط ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آهن.

هن چيو ته پيپلزپارٽي في الحال گو نثار گو جا نعرا هڻي رهي آهي، جيڪڏهن مطالبا تسليم نه ٿيا ته 27 ڊسمبر کانپوءِ گو نواز گو جو نعرو لڳندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي پنجاب جي عهديدارن جو اعلان جلد ڪيو ويندو، جهانگير بدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش هئي، خبر نه هئي ته جهانگير بدر ائين اڌ ۾ ساٿ ڇڏي ويندو، ان جو لاڏاڻو پارٽيءَ لاءِ وڏو نقصان آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*