ڪراچي شهر جي مختلف علائقن مان ڪچرو کڻڻ لاءِ اليڪٽريڪل ميشنري چيني بندرگاهه تي پهچائي وئي

Khi-Safai-191116

ڪراچي شهر جي مختلف علائقن مان ڪچرو کڻڻ لاءِ اليڪٽريڪل ميشنري چيني بندرگاهه تي پهچائي وئي آهي، چين ۾ تيار ڪيل مشينري تي ڪراچي جي مختلف علائقن جا نالا به لکيا ويا آهن.

سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ سنڌ ۽ چيني ڪمپني ووزينگ وچ ۾ ڪراچي مان ڪچرو صاف ڪرڻ لاءِ ٿيل معاهدي تحت چيني ڪمپني اليڪٽريڪل سوئپنگ مشين ۽ ڊمسٽرز سميت مختلف اليڪٽريڪل  مشنيري ڪراچي پهچائڻ لاءِ چيني بندرگاهه تي پهچائي وئي آهي.

چيني ڪمپني مشينري ۽ گاڏين تي چين ۾ ئي ڪراچي جي علائقن جا نالا ۽ “ اچو هٿ ملايون صاف ۽ صحتمند سنڌ لاءِ” پڻ لکيو ويو آهي.

چيني ڪمپني ايندڙ سال جنوري مهيني کان ڪراچي مان گند صاف ڪرڻ جو ڪم شروع ڪندي، جنهن ۾ ميونسپل عملو به پنهنجو ڪردار ادا ڪندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*