پاناما ليڪس ڪيس پاڪستان مان ٻاهر آهي، ثبوتن جون دعوائون ڪندڙ پاڻ ئي ملڪ کان ٻاهر ويٺل آهن، رحمان ملڪ

rehman-Malik-191116

پ پ سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪيس پاڪستان مان ٻاهر آهي، ثبوتن جون دعوائون ڪندڙ پاڻ ئي ملڪ کان ٻاهر ويٺل آهن، مسئلي جي حل لاءِ سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو.

لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ جهانگير بدر جي پونئيرن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته پاناما ليڪس ڪيس ملڪ کان ٻاهر ٿيندي  نظر اچي رهيو آهي، ڇوته ثبوتن جون دعوائون ڪندڙ پاڻ ئي ٻاهر ويٺل آهن.

هن چيو ته پاناما ليڪس مسئلو حل ڪرڻو آهي ته سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو، ڇوته ڪنهن به ڊپلوميٽ کي جاچ ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي.

سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته  بلاول ڀٽو زرداري جا چار مطالبا مناسب آهن، جيڪي حڪومت کي مڃڻا پوندا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*