عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ سندن پهرين ترجيح آهي،مراد علي شاهه

Murad-Ali-Shah-191116

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ سندن پهرين ترجيح آهي، سنڌ سرڪار صحت جي شعبي ۾ 80 بلين خرچ ڪري رهي آهي، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ 6 هزار ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا پيا وڃن. ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته صوبي جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ سنڏ سرڪار 6 هزار ڊاڪٽر ڀرتي ڪري رهي آهي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار صحت جي شعبي ۾ 80 بلين رپيا خرچ ڪري رهي آهي، اسان کي سائنسدان ۽ هيلٿ سائنس جي ضرورت آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ نوجوان اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*