پشاور ۾ ايف سي جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ بابت تقريب منعقد ڪئي وئي

Peshawar-Fc-191116

پشاور ۾ ايف سي جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ بابت تقريب منعقد ڪئي وئي،  ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل هدايت الرحمان چيو آهي ته دهشتگردي تي ضابطو آڻي ورتو آهي پر اڃا خطرا ٽريا ناهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ايف سي جو اهم ڪردار آهي.

پشاور ۾ فرنٽيئر ڪور پاران شير خان اسٽيڊيم ۾ 35هين هفتيوار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل هدايت الرحمان ۽ آءِ جِي ايف سي ميجر جنرل شاهين مظفر خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

اسپيشل آپريٽنگ گروپ ۽ ليڊي سولجرز پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ۽ نيزابازي جا شاندار مقابلا به منعقد ڪيا ويا.

تقريب کي خطاب ڪندي ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل هدايت الرحمان چيو آهي ته دهشتگردي تي ضابطو آڻي ورتو آهي پر اڃا خطرا ٽريا ناهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ايف سي جو اهم ڪردار آهي.

ڪور ڪمانڊر پشاور چيو ته خيبر پختونخواه ۾ ايف سي جو ٻيو هيڊ ڪوارٽر قائم ڪيو ويندو، بارڊر مئنيجمينٽ جو تحفظ فرنٽيئر ڪور ڪندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*