ڀارت هٿ وٺي حالتون خراب ڪري رهيو آهي، ڪنٽرول لائين تي اڳراين جو مقصد اقتصادي راهداري منصوبي کي ناڪام بڻائڻ آهي, آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان

Masood-Khan-Kshmir-191116

آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان چيو آهي ته ڀارت هٿ وٺي حالتون خراب ڪري رهيو آهي، ڪنٽرول لائين تي اڳراين جو مقصد اقتصادي راهداري منصوبي کي ناڪام بڻائڻ آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسعود خان چيو ته پاڪستان ڪشمير جو ڪيس بهتر طريقي سان وڙهي رهيو آهي پر عالمي طاقتون مسئلي جي حل لاءِ سنجيده ڪردار ادا نه ڪري رهيون آهن.

هن چيو ته ڀارت جي پاڪستان دشمني ڪنهن کان به لِڪل نه آهي، ڪنٽرول لائين تي اڳراين جو مقصد پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي کي ناڪام بڻائڻ آهي.

آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان وڌيڪ چيو ته ڀارت ڪشمير مسئلي تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائڻ لاءِ هٿ وٺي ڪنٽرول لائين تي حالتون خراب ڪري رهيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*