ڀارت ڪنٽرول لائين تي جنگبندي جي ڀڃڪڙين تان نه مــُڙِيو، ڀارتي فوج پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ڀمبر ۽ سماهنِي سيڪٽر جي مختلف علائقن ۾ بنا جواز فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي وئي

loc-191116

ڀارت ڪنٽرول لائين تي جنگبندي جي ڀڃڪڙين تان نه مــُڙِيو، ڀارتي فوج پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ڀمبر ۽ سماهنِي سيڪٽر جي مختلف علائقن ۾ بنا جواز فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي وئي، پاڪ فوج ڀرپور جوابي فائرنگ ڪري ڀارتي دشمن جي بندوقن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فوج ڀمبر سيڪٽر جي براهه ۽ ٽانڊر وارن علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ڀارتي فائرنگ جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي دشمن جي بندوقن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو.

ان کان اڳ ڪنٽرول لائين تي سماهني سيڪٽر ۾ به صبح ساڍي نائين وڳي فائرنگ ڀارتي فوج پاران بنا جواز فائرنگ ڪئي وئي.

گذريل ڏينهن ڀارت فوج پاران پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا پاڪ نيوي ناڪام بڻائي ڀارتي آبدوز کي ڀڄائي ڇڏيو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*