ملير پوليس اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي خلاف داخل ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي

Faisal-Raza-51116a

ملير پوليس اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي خلاف داخل ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته فيصل رضا عابدي وٽان هٿ آيل هٿيارن جا لائسنس سندس محافظ جي نالي تي رجسٽرڊ ٿيل آهن.

ملير جي عدالت ۾ اڳوڻي پ پ سينيٽر فيصل رضا عابدي کان هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ملير پوليس فيصل رضا عابدي وٽان هٿ آيل هٿيارن جا لائسنس ۽ ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي.

پوليس رپورٽ ۾ چيو ته فيصل رضا عابدي وٽان هٿ آيل هٿيارن جا لائسنس سندس محافظ جي نالي تي جاري ٿيل آهن، تنهنڪري ڪيس ختم ڪيو وڃي.

واضح رهي ته فيصل رضا عابدي کي رضويه سوسائٽي واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن بعد عدالت سندس ضمانت منظور ڪئي هئي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*