ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري ڪيس جي مفرور جوابدارن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

MQM-Amir-191116

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري ڪيس جي مفرور جوابدارن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

اي ٽي سي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته پوليس ٻين جوابدارن کي پيش ڪرڻ لاچاري ظاهر ڪندي چيو ته ڳولا باوجود جوابدارن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي.

ٻڌڻي دوران پوليس ڪيس جي ٻڌڻي جيل ۾ هلائڻ بابت نوٽيفڪيش عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت مفرور جوابدارن کي پيش نه ڪرڻ تان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جوابدارن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 10 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*