عمران خان ٽيون ڀيرو شادي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Imran-Khan-PTI-191116

عمران خان ٽيون ڀيرو شادي جو اشارو ڏئي ڇڏيو، پي ٽي آءِ سربراهه شادي بابت جوڙي کي مشورو ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته شادي بابت سندس رڪارڊ درست نه آهي، 2 ڀيرا ناڪامي ٿي آهي، ٿي سگهي ٿو ته ٽيون ڀيرو شادي ۾ ڪاميابي ٿئي.

عمران خان برطانوي شهر مانچسٽر ۾ هڪ دوست جي شاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران کانئس پڇيو ويو ته هــُو جوڙي کي ڪهڙو مشورو ڏيندو.

پي ٽي آءِ سربراهه جوڙي کي ڪوبه مشورو ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته شاديءَ جي معاملي ۾ سندس رڪارڊ ٺيڪ نه رهيو آهي.

ميڊيا جي نمائندن پاران سندس شاديءَ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته کيس شاديءَ ۾ 2 ڀيرا ناڪامي ٿي آهي، ٿي سگهي ٿو ته ٽيون ڀيرو ڪاميابي ملي.

سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ پاناما ليڪس ڪيس بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ثبوت پيش ڪرڻ سندس نه پر حڪومت جو ڪم آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*