نئين آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم جو صوابديد آهي، جنرل راحيل شريف جي سربراهي ۾ پاڪ فوج جيتريون ڪاميابيون حاصل ڪيون، ان جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي, خواجه آصف

Khuwaja-Asif-211116

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم جو صوابديد آهي، جنرل راحيل شريف جي سربراهي ۾ پاڪ فوج جيتريون ڪاميابيون حاصل ڪيون، ان جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي.

نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاڪ فوج جي نئين سربراهه لاءِ موسٽ سينيئر جنرلز جا نالا وزيراعظم نواز شريف ڏانهن اماڻيندو.

خواجه آصف نئين آرمي چيف جو نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اهو وزيراعظم نواز شريف جو اختيار آهي ته ڪهڙي ٿري اسٽار جنرل کي آرمي چيف مقرر ڪري ٿو.

هن چيو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي رٽائرمينٽ بعد ڪنهن اهم عهدي تي مقرر ڪرڻ جي حوالي سان کيس ڪا به ڄاڻ ناهي پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته آرمي چيف وٽ دهشتگردي خلاف جنگ کي منهن ڏيڻ جو وڏو تجربو آهي.

دفاع واري وزير چيو ته جنرل راحيل جي قيادت ۾ پاڪ فوج جيتريون قربانيون ماڻيون آهن، ان جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*