پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف لاهور کان الوداعي دورن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي

Raheel-Sharif-211116

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف لاهور کان الوداعي دورن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، آرمي چيف چيو آهي ته ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام وارو ٽاسڪ هــُن لاءِ آسان نه هو پر اسان جي قربانين ۽ گڏيل عزم ملڪ خلاف گڏيل مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف الوداعي دورن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ هـُن لاهور گيريزن ون جو دورو ڪيو.

آرمي چيف الوداعي دوري دوران پاڪ فوج ۽ رينجرز جي جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ خطاب ڪيو، جنرل راحيل شريف ڪوئيٽا، پشاور ۽ ڪراچي جا به دورا ڪري فوجي جوانن سان ملاقاتون ڪندو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي جنرل راحيل شريف چيو ته ملڪ ۾ امن امان جو قيام آسان نه آهي پر اسان جي قربانين ۽ گڏيل قومي عزم سان ڏکيائن تي قابو پائڻ ۾ مدد ملي.

آرمي چيف چيو ته قربانين ۽ گڏيل قوم عزم سازشن کي به ناڪام بڻايو ويو.

واضح رهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي ملازمت وارو مدو هلندڙ مهيني 29 نومبر تي ختم ٿي رهيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*