آرمي چيف جنرل راحيل شريف 29 نومبر تي ريٽائرڊ ٿي رهيو آهي، سندس جاءِ تي پاڪ فوج جي نئين سربراهه لاءِ 4 ٿري اسٽار جنرلز جا نالا غور هيٺ آهن

New-Army-Cheif-211116

آرمي چيف جنرل راحيل شريف 29 نومبر تي ريٽائرڊ ٿي رهيو آهي، سندس جاءِ تي پاڪ فوج جي نئين سربراهه لاءِ 4 ٿري اسٽار جنرلز جا نالا غور هيٺ آهن.

پاڪ فوج جي موجوده سربراهه جنرل راحيل شريف جي ملازمت وارو مدو 29 نومبر تي پورو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم نوازشريف پنهنجي صوابديد مطابق نئين آرمي چيف جو فيصلو ڪندو، جڏهن ته نواز شريف کي اهو به منفرد اعزاز حاصل هوندو ته اهو پاڪستان جي ڇهين آرمي چيف جي چونڊ ڪندو.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف کانپوءِ 4 ليفٽيننٽ جنرل پاڪ فوج جو سربراهه ٿيڻ لاءِ سموريون قانوني ۽ پيشوراڻيون گهرجيون پوريون ڪن ٿا.

بري فوج جي سينارٽي لسٽ ۾ چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل زبير حيات جو نالو سرفهرست آهي، جنرل زبير حيات هن وقت جي ايڇ ڪيو ۾ مقرر آهي ۽ ان کان اڳ اهو ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن به رهي چڪو آهي.

سينارٽي لسٽ ۾ جيڪو ٻيو نالو اچي ٿو، اهو ليفٽيننٽ جنرل اشفاق نديم جو آهي، جيڪو ڪور ڪمانڊر ملتان آهي ۽ ان کان اڳ چيف آف جنرل اسٽاف به رهي چڪو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل اشفاق نديم کانپوءِ ڪور ڪمانڊر بهاولپور جاويد اقبال رمدي سينارٽي لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي آهي، ليفٽيننٽ جنرل جاويد اقبال رمدي ان کان اڳ سوات آپريشن دوران جي او سي رهي چڪو آهي.

ان کان علاوه ليفٽيننٽ جنرل جاويد اقبال رمدي پرڏيهه ملڪن ۾ 2 اهم ذميواريون نڀائي چڪو آهي، جنهن ۾ واشنگٽن ۾ ملٽري اتاشي ۽ امريڪي سينيٽ ڪام سان گڏ مقرري شامل آهن.

چوٿين نمبر تي ليفٽيننٽ جنرل قمر جاويد باجوه آهي، جيڪو هن وقت جي ايڇ ڪيو ۾ انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايويليو ايشن آهي. جنرل قمر باجوه ڪور ڪمانڊر راولپنڊي رهي چڪو آهي ۽ اهو لائين آف ڪنٽرول جي چوڌاري ٿيندڙ تربتي مشقن جي به نگراني ڪندو آيو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*