ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي ڪانپور ويجهو مسافر ٽرين حادثي ۾ فوتين جو انگ 142 ٿي ويو آهي

India-Train-Accident-211116

ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي ڪانپور ويجهو مسافر ٽرين حادثي ۾ فوتين جو انگ 142 ٿي ويو آهي، امدادي ڪارروائيون اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهن.

آچر تي ڪانپور ويجهو پوکرايان جي علائقي ۾ ڀارتي وقت موجب رات جو ٽي وڳي مسافر ٽرن “اِندور – پٽنا ايڪسپريس” جون 14 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون هيون.

حادثي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو ٿڏي تي فوت ٿي ويا هئا ۽ 2 سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي وڌيڪ ڪيترائي مسافر فوت ٿي ويا هئا، تازن انگن اکرن موجب ٽرين حادثي ۾ 142 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

India-Train-Accident-211116

حادثي جو شڪار ٽرين ۾ سوار هڪ مسافر موجب رات جو اٽڪل ٽي وڳي ڌاري زوردار جهٽڪو لڳو ۽ ڪيتريون ئي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، هر طرف رڙيون پئجي ويون ۽ سڀئي صدمي ۾ هليا ويا.

ٽرين حادثي کانپوءِ فوج کانسواءِ ريلوي ۽ ٻين ادارن جا رضاڪار سومر تي به امدادي ڪارروائيون جاري رکيون، جڏهن ته اختيارن ٽرين حادثي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ به شروع ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*