ترڪ صدر رجب طيب اردغان يورپي يونين تي ڪرد ويڙهاڪن کي دهشتگرد قرار ڏيڻ بدران انهن جي مدد ڪرڻ جو الزام مڙهيندي نيٽو تي زور ڀريو آهي ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ ترڪي سان سهڪار ڪيو وڃي

Turkesh-Teyab-21116

ترڪ صدر رجب طيب اردغان يورپي يونين تي ڪرد ويڙهاڪن کي دهشتگرد قرار ڏيڻ بدران انهن جي مدد ڪرڻ جو الزام مڙهيندي نيٽو تي زور ڀريو آهي ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ ترڪي سان سهڪار ڪيو وڃي.

استنبول ۾ نيٽو جي پارلياماني اسيمبلي سيشن کي خطاب ڪندي طيب اردگان جو چوڻ هو ته يورپي يونين ڪرد باغين کي خطي ۾ آزاد ڇڏي ڏنو آهي، جنهن سان گروپ جي دهشتگرد ڪارروائين کي هٿي ملي رهي آهي.

پارلياماني سيشن ۾ نيٽو سيڪريٽري جنر لجينس اسٽولٽين برگ به شريڪ هو، ان موقعي تي طيب اردغان جو چوڻ هو ته يورپ ڪردن جي حمايت ۽ مدد ڪري وڏي غلطي ڪري رهيو آهي ۽ هڪ ڏينهن يورپ کي دهشتگردي جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ ايندا.

ان کان اڳ طيب اردگان چيو هو ته جيڪڏهن ترڪي کي يورپي يونين ۾ شامل نه ڪيو ته روس ۽ چين سان يورو ايشين گروپ ۾ شامل ٿي سگهجي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*