روسي صدر ولادمير پيوٽن چيو آهي ته نئين چونڊيل امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪئي آهي ته هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر ڪرڻ چاهي ٿو

Russia's-Putin-speaks-211116

روسي صدر ولادمير پيوٽن چيو آهي ته نئين چونڊيل امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪئي آهي ته هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر ڪرڻ چاهي ٿو.

پيرو جي شهر ليما ۾ ايپيڪ جي اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي صدر پيوٽن جو چوڻ هو ته چونڊ مهم دوران اعلانن ۽ حقيقي پاليسي ۾ اڪثر فرق ٿيندو آهي.

صدر پيوٽن موجب ٽرمپ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ يوڪرين ۽ شام جي مسئلي تي ڇڪتاڻ جو شڪار لاڳاپن ۾ بهتري چاهي ٿو، پر لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ ٽرمپ سان اعليٰ سطحي ڳالهين جي حوالي سان ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

گذريل هفتي پيوٽن ۽ ٽرمپ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، جنهن بابت روس جي صدر جي آفيس جو چوڻ هوت ه امريڪا جو نئون چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي صدر ولادمير پيوٽن امريڪا ۽ روس جي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جون ڪوششون ڪندا.

ڪريمل ن موجب ڳالهه ٻولهه دوران پيوٽن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو نئين امريڪي انتظاميه سان برابري جي بنياد تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي

ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه کان ڪجهه ڏينهن پوءِ هاڻوڪي امريڪي صدر براڪ اوباما چونڊيل صدر ٽرمپ تي زور ڀريو هو ته جيڪڏهن روس امريڪي قدرن ۽ عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري ته ان جي سامهون مضبوطي سان بيهي.

ٻئي پاسي روسي صدر پيوٽن ۽ امريڪي صدر براڪ اوباما پيرو ۾ ايشيا پيسيفڪ واپاري اجلاس جي موقعي تي 4 منٽ مختصر ملاقات به ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*