انگيلا مرڪل چوٿون ڀيرو جرمني جي چانسلر بڻجڻ لاءِ ميدان ۾ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

GERMANY-MERKEL-211116

انگيلا مرڪل چوٿون ڀيرو جرمني جي چانسلر بڻجڻ لاءِ ميدان ۾ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اتحادين به 62 سالن جي چانسلر جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي.

اينگلا مرڪل گذريل 11 سالن کان   جرمني جي چانسلر آهي، ملڪ ۾ ايندڙ سال سرءُ جي مند ۾ چونڊون ٿين جو امڪان آهي، جيتوڻيڪ پول ريٽنگز ۾ سندس ريٽنگ گهٽ ٿي آهي پر اڃا به هو ملڪ جي مقبول اڳواڻ آهي.

ڪرسچن ڊيموڪريٽڪ يونين سان تعلق رکندڙ اينگلا مرڪل کي شامي پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ واري پاليسي اختيار ڪرڻ تي ملڪ جي ساڄي ڌر پاران سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

هلندڙ سال جي شروع ۾ مڪاني چونڊن ۾ اينگلا مرڪل جي پارٽي کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو،مرڪل به ڪيترين رياستن ۾ شڪست جي ذميواري قبول ڪئي هئي.

اينگلا مرڪل جو هاڻي به مخالف ساڄي ڌر جي  پارٽي اَي ايف ڊي سخت مقابلو آهي، جيڪا جرمني ۾ مختلف سياسي پارٽين جا ووٽ ٽوڙي چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*