وزيراعظم نواز شريف وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو

Nawaz-Sharif-18816

وزيراعظم نواز شريف وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ اهم فيصلن جو  امڪان آهي.

پي ايم هائوس جي ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي صبح جو 10 هين وڳي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال سميت پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي چئن مطالبن تي غور ڪيو ويندو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ 29 نومبر تي رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي سندس خدمتن تي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اجلاس ۾ مختلف ملڪن سان ٿيل  معاهدن جي منظوري ڏيڻ جو به امڪان آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*