آرمي چيف کانپوءِ جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل راشد محمود به الوداعي ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن

rashid-Mahmood-211116

آرمي چيف کانپوءِ جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل راشد محمود به الوداعي ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنرل راشد جي ملازمت وارو مدو به 29 نومبر تي پورو ٿي رهيو آهي.

جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ جو چيئرمين جنرل راشد محمود نيول هيڊڪوارٽر پهتو ته پاڪ نيو جي چُست جٿي کيس سلامتي پيش ڪئي.

جنرل راشد محمود پاڪ نيوي جي سربراهه ايڊمرل ذڪاءُ الله سان الوداعي ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ايدمرل ذڪاءُ الله پاران جنرل راشد محمود جي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو، جڏهن ته چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي پاڪ نيوي جي سربراهه لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

جنرل راشد محمود جي ملازمت وارو مدو به 29 نومبر تي پورو ٿي رهيو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*