پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ سمورن رانديگرن کي وڏي دل سان کيڏڻو پوندو،جنهن بعد ٽيم کي فتح ملي سگهي ٿي

Pakistan-Team-Coach-2016-2916

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ سمورن رانديگرن کي وڏي دل سان کيڏڻو پوندو،جنهن بعد ٽيم کي فتح ملي سگهي ٿي.

هيملٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو ته ڊڄي ڊڄي  کيڏڻ سان سان ڪڏهن به ڪاميابي نصيب نه ٿيندي.

هن چيو ته ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ سمورن رانديگرن کي پنهنجي بهتر ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻو پوندو،جنهن لاءِ کين راند جو انداز تبديل ڪرڻو پوندو.

قومي ٽيم جي هيڊڪوچ مڪي آرٿر هملٽن ۾ رٿيل ٻين ٽيسٽ ميچ کان پهرين سمورن رانديگرن کي ٽريننگ سيشن دوران غلطِين تي ضابطو آڻڻ تي زور ڏنو.

واضح رهي ته ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم جا بيٽسمين مڪمل طور تي ناڪام رهيا ۽ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ملي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*