سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته بهتر پرڏيهي پاليسي نه هئڻ ڪري پاڪستان پاڙيسرين سان معاملا حل نه ڪري سگهيو آهي

Syed-jalal-Shah-221116

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته بهتر پرڏيهي پاليسي نه هئڻ ڪري پاڪستان پاڙيسرين سان معاملا حل نه ڪري سگهيو آهي، قومن جا تڪرار مذهب  ۽ رياست کان ڌار ڪرڻ سان ئي ملڪ کي فائدو ٿي سگهي ٿو.

حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته عدليا نه هجي ها ته ڪرپٽ سياستدان ۽  ڪامورا عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏين ها.

هن چيو ته  عدليا کي حقيقي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان سموريون طاقتور ڌريون عدالتن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏينديون.

 سيد جلال محمود شاهه چيو ته عوام جي بنيادي حقن لاءِ عدليا ۽ عدالتون بهتر ڪم ڪن ته ڪمزور ماڻهو کي فائدو ملندو، آئيني ۽ وفاقي سطح جي مسئلن جي لاءِ ڌار عدالتون قائم ٿيڻ گهرجن.

سيد جلال محمود شاهه چيو ته صوبائي ۽ وفاقي سطح جا معاملا به سپريم ڪورٽ تائين وڃن ٿا، جنهن ڪري ڪيسن جي اڪلاءَ ۾ دير لڳي ٿي.

سيد جلال محمود شاهه چيو ته بهتر پرڏيهي پاليسي نه هئڻ ڪري پاڪستان پاڙيسرين سان معاملا حل نه ڪري سگهيو آهي، قومن جا تڪرار مذهب  ۽ رياست کان ڌار ڪرڻ سان ئي ملڪ کي فائدو ٿي سگهي ٿو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*