آرمي چيف جنرل راحيل شريف 10 هن دهشتگردن کي موت واري سزا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

Army-Cheif-Raheel-Sharif-3816

آرمي چيف جنرل راحيل شريف 10 هن دهشتگردن کي موت واري سزا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آءِ ايس پي آر موجب  سزا ٻڌايل دهشتگرد فورسز ۽ ادارن تي حملن ۾ ملوث آهن، جن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيمن سان آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف سڪيورٽي فورسز ۽ سرڪاري ادارن تي حملا ڪندڙ 10 دهشتگردن کي موت جي  سزا ڏيڻ واري منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب سزا ٻڌايل دهشتگردن ۾   پايو جان، نثار علي، علي رحمان، فضل علي، تيره گل، محمد ولي، خيل جان  ۽ ٻيا شامل آهن، جن مان  6 هن دهشتگردن جو تعلق ڪالعدم ٽي ٽي پي  ۽ چئن  جو تعلق لشڪر اسلام سان آهي.

آءِ ايس آر موجب سزا ٻڌايل دهشتگرد مواصلاتي نظام ۽ اسڪولن تي حملن سميت ڪپٽن جنيد ۽ ٻين جوانن تي به حملن ۾ ملوث  آهن.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن کي فوجي عدالت پاران سزا ٻڌائڻ کان پوءِ آرمي چيف جنرل راحيل شريف موت واري سزا جي منظوري ڏني آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*