وزيراعظم نواز شريف ڪراچي جي نجي اسپتال پهچي سنڌ جي گورنر سعيد الزمان صديقي جي عيادت ڪئي

Nawaz-Sharif-221116

وزيراعظم نواز شريف ڪراچي جي نجي اسپتال پهچي سنڌ جي گورنر سعيد الزمان صديقي جي عيادت ڪئي، وزيراعظم چيو آهي ته گورنر سعيد الزمان صحت ۾ بهتري کانپوءِ جلد پنهنجا فرض نڀائيندو.

وزيراعظم نواز شريف ڪراچي جي نجي اسپتال پهچي گورنر جسٽس ريٽائرڊ سعيد الزمان صديقي سان ملاقات ڪري سندس خيريت معلوم ڪئي.

گورنر هائوس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم گورنر جي صحت ۾ بهتري کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو ته هــُو جلد صحتياب ٿي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو.

گورنر سعيدالزمان صديقي چيو ته وزيراعظم جي آمد ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي هــُو سندس ٿورائتو آهي، ڊاڪٽرن جون رپورٽون حوصلو ڏيندڙ آهن، هــُو جلد صحتياب ٿي پنهنجون ذميواريون سنڀالي وٺندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*