ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي ۾ ملوث ٻن دهشتگردن جي قبرڪشائي ڪري ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا ويا

Airport-case-221116

ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي ۾ ملوث ٻن دهشتگردن جي قبرڪشائي ڪري ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا ويا، گرفتار دهشتگرد اسحاق بوبي جاچ دوران ٻنهي جوابدارن جي ايئرپورٽ حملي ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف ڪيو هو.

ڊاڪٽرن جي ٽيم جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگرانيءَ ۾ مواڇ ڳوٺ پهچي ايئرپورٽ حملي ۾ ملوث ٻن دهشتگردن ماجد ۽  احتشام جي قبرڪشائي ڪرائي.

جاچ ٽيم ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ٻنهي دهشتگردن جي جسم جي مختلف حصن مان نمونا ورتا.

گرفتار دهشتگرد اسحاق بوبي جاچ دوران ٻنهي دهشتگردن جي ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*