سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي اندر شراب خانن تي پابندي واري ڪيس ۾ سنڌ سرڪار کي چئن هفتن اندر مذهبي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪري نئين سر قانونسازي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Sindh-High-Court-181016

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي اندر شراب خانن تي پابندي واري ڪيس ۾ سنڌ سرڪار کي چئن هفتن اندر مذهبي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪري نئين سر قانونسازي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي اندر شراب خانا قائم هئڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

 ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي شراب خانن جا سمورا لائسنس معطل ڪيا ويا ويا آهن.

ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته شراب خانن بابت غير مسلم اسڪالرز جي مشوري سان نئون قانو جوڙيو ويندو.

عدالت حڪم ڏنو ته حڪومت مذهبي اڳواڻن کي گهرائي قانونسازي لاءِ مشاورت ڪري ۽ ضبط ڪيل شراب جو وڪرو روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

عدالت صوبي اندر سيل ڪيل شراب خانن بابت آءِ جي سنڌ ۽ ايڪسازئيز کي به سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

عدالت صوبي اندر قائم ڪيل شراب خانن بابت سنڌ سرڪار کي چئن هفتن اندر مذهبي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪري نئين سر قانونسازي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*