پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ڏيهه ورڻ ۾ تڪڙ نه ڪرڻ جو مشورو ڏيندي حتمي مشاورت لاءِ ايندڙ هفتي دبئي ۾ اهم گڏجاڻي طلب ڪري ورتي

Asif-Ali-Zardari-10916

پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ڏيهه ورڻ ۾ تڪڙ نه ڪرڻ جو مشورو ڏيندي حتمي مشاورت لاءِ ايندڙ هفتي دبئي ۾ اهم گڏجاڻي طلب ڪري ورتي آهي، اڳواڻن آصف زرداري کي مشورو ڏنو آهي ته هــُو في الحال ڏيهه نه اچي، جيڪڏهن اچي به ٿو ته جلد واپس هليو وڃي.

پيپلز پارٽي جي سينيئر قيادت پارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کي في الحال ڏيهه نه ورڻ جي مشورو ڏنو آهي.

ذريعن موجب پارٽي اڳواڻن آصف زرداري کي چيو آهي ته في الحال ڏيهه اچڻ لاءِ ماحول بهتر نه آهي، تنهن ڪري پارٽي جا معاملا بلاول ڀٽو زرداري کي ئي هلائڻ ڏنا وڃن.

سينيئر قيادت آصف زرداري کي چيو آهي ته هــُو جيڪڏهن ڏيهه اچي ٿو به ته تمام جلد واپس هليو وڃي.

آصف زرداري جي ڏيهه واپسي واري معاملي تي ايندڙ هفتي دبئي ۾ اهم گڏجاڻي به طلب ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ حتمي تاريخ طئي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*