لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪوٽا راڌا ڪشن ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي

lahore-atc-court

 لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪوٽا راڌا ڪشن ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2 سال اڳ پنجاب جي علائقي ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ عيسائي جوڙي کي جيئرو ساڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن مهدي خان، رياض، عرفان، حنيف ۽ اشتياق کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد 8 جوابدارن کي ٻه-ٻه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

واضح رهي ته 2014 ۾ عيسائي جوڙي شمع ۽ شهزادي کي ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ سرن جي بٺي ۾ اڇلائي جيئرو ساڙيو ويو هو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*