جديد قومپرستيءَ جي باني سائين جي ايم سيد جي اڄ هڪ سئو 11هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

جديد قومپرستيءَ جي باني سائين جي ايم سيد جي هڪ سئو 11 سالگرهه اڄ ملهائي پئي وڃي، سن ۾ ايس يو پي ۽ ٻين ڌرين پاران ڪيڪ ڪاٽيا ويا، مختلف شهرن مان قافلن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

جديد قومپرستيءَ جي باني سائين جي ايم سيد جي هڪ سئو يارهين سالگرهه سن ۾ ملهائي پئي وڃي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏن شهرن مان قومپرست تنظيمن جا قافلا پهچي ويا آهن.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، سيد زين شاهه ۽ ٻين جديد قومپرستيءَ جي باني سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

لاڙڪاڻو، شڪارپور، گهوٽڪي، سکر ، دادو  ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن مان جسقم، جسم، جسقم آريسر گروپ ۽ ٻين قومپرست تنظيمن جا سوين گاڏين جا قافلا سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۾ شرڪت لاءِ سن روانا دوان آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*