پنجاب سرڪار تيل جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سي اين جي اسٽيشنز کي فوري طور تي کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

پنجاب سرڪار تيل جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سي اين جي اسٽيشنز کي فوري طور تي کولڻ جو فيصلو ڪندي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، سي اين جي اونرز اينڊ ڊيلرز ايسوسيئشن جي اڳواڻ غياث پراچه تصديق ڪئي آهي ته کين سي اين جي اسٽيشنز کولڻ جو حڪم ملي ويو آهي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پنجاب ۾ تيل بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پيٽروليم واري وزير سان رابطو ڪري ساڻس صورتحال بحث هيٺ آندي، جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته فوري طور تي سي اين جي اسٽيشنز کوليون وڃن.

غياث پراچه تصديق ڪئي آهي ته سي اين جي اسٽيشنز کي فوري طور تي کولڻ جو حڪم مليو آهي، جنهن کانپوءِ سڀني ڊيلرز ۽ مالڪن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*