نوابشاهه جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي موت ۽ ٻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

نوابشاهه جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي موت ۽ ٻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

نوابشاهه جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج انعام علي ڪلوڙ عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عبدالستار پٺاڻ کي موت جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته قتل ۾ شريڪ ٻن جوابدارن شاهنواز پٺاڻ ۽ عمر گل پٺاڻ عمر قيد جي سزا ڏني.

ياد رهي ته جوابدارر عبدالستار پٺاڻ گذريل سال 13 جوالاءِ تي پنهنجي ٻن ساٿين جي مدد سان پنهنجي 18ورهين جي ڌيءُ مسمات عائشه پٺاڻ کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو هو.

مقتول ناري نوجوان منير ملوڪاڻي سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان کيس پيءُ قتل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*