دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن وزيراعظم نواز شريف

وزير اعظم ميان نواز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري ڏيهه وري رهيو آهي، نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردن خلاف بنا فرق ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن.

ٻنهي جهانن جي سردار حضور نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وصلم جي روزي جي زيارت ۽ چانئٺ چُمڻ کانپوءِ مقامي صحافين سان ڳالهائيندي ميان نواز شريف چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رُڌل آهي ۽ دهشتگردن خلاف بنا فرق ويڙهه ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي.

وزير اعظم پشاور سانحي تي به انتهائي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردن ۽ سندن همدردن خلاف به ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته حڪومت پابندي مڙهيل تنطيمن جي فنڊنگ روڪڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺي رهي آهي.

ياد رهي ته وزير اعظم ميان نواز شريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب اُسهيل هو پر ڪالهه جمعي نماز جي ادائيگي ڪري وزير اعظم پنهنجي دوري ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي ۽ اڄ وطن واپسي کان اڳ هُن مديني پاڪ وڃي حضور مدني سرڪار صلي الله عليه وآله وصلم جي روزي مبارڪ ۾ حاضري ڀري ملڪ ۽ ملت جي خوشحالي جون دعائون گهريون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*