حڪومت هر حال ۾ مدرسن جي سڌارن تي عمل ڪرائيندي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان

قومي ايڪشن پلان تي عمل لاءِ گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي صدارت هيٺ مذهبي ۽ سياسي پارٽين جي جاري اجلاس ۾ مدرسن ۾ سڌارن بابت مسودو پيش ڪيو ويو آهي، جنهن تي بحث هلندڙ آهي، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جو چوڻ آهي ته مدرسن ۾ سڌارن تي هر حال ۾ عمل ڪيو ويندو.

گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي صدارت هيٺ سياسي ۽ مذهبي پارٽين جو اهم اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ مدرسن اندر سڌارن ۽ ميڊيا لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ سميت قومي ايڪشن پلان تي عمل جي حوالي سان مختلف معاملا ويچار هيٺ آهن.

اسلام آباد ۾ گهرو وزير جي صدارت هيٺ جاري اجلاس ۾ افراسفياب خٽڪ، شرين رحمان، رحمان ملڪ، بابر غوري، سردار يوسف ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ آهن.

اجلاس ۾ مدرسن ۾ سڌارن ۽ ميڊيا لاءِ ضابطه اخلاق سميت قومي ايڪشن پلان تي عمل جي حوالي سان مختلف معاملن تي ويچاريو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ چوڌري نثار علي خان مدرسن ۾ سڌارن بابت هڪ مسودو پيش ڪيو آهي، جنهن تي غور ويچار هلندڙ آهي.

گهرو وزير چيو آهي ته حڪومت هر حال ۾ مدرسن ۾ سڌارن تي عمل ڪرائيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*