فوجي عدالتن جي قيام بابت ڪا به مشاورت نه ڪئي وئي مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته فوجي عدالتن جي قيام بابت ڪابه مشاورت نه ڪئي وئي، دهشتگردي جي آڙ ۾ مدرسن خلاف ڪارروائي بدنيتي تي ٻڌل آهي.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت پاران آئيني ترميم بابت اعتماد ۾ نه ورتو ويو، فوجي عدالتن جي قيام سان امتيازي ورٽاءُ ڪيو ويندو، جنهن جي هنن مخالفت ڪئي آهي.

جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته جيئين مذهب ۽ اسلام جي نالي تي معصوم ماڻهن کي مارڻ دهشتگردي آهي، تيئن ئي ديني مدرسن خلاف عوم کي گمراهه ڪرڻ ۽ انهن کي دهشتگردي جو مرڪز سمجهڻ به دهشتگردي آهي.

هن چيو ته مدرسن ڪڏهن ته دهشتگردي کي هٿي ناهي ڏني، 21 هزار مدرسن جي رجسٽريشن وارو ڪم هلندڙ آهي، جنهن جي جلد رجسٽريشن ٿي ويندي.

ملانا فضل الرحمان چيو ته دهشتگردي جي اوٽ وٺي ديني مدرسن خلاف ڪارروائي بدنيتي تي ٻڌل آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا افضل الرحمان چيو ته موجوده حالتن ۾ خورشيد شاهه کان پڇيو وڃي ته هو ڪڏهن ته حڪومت ۾ شموليت اختيار ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*