اسلام آباد جي عدالت گاڏيءَ مان شراب هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ صوبائي وزير علي امين گنڊاپور جي 2 ڊسمبر تائين ضمانت منظور ڪندي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Ali-Ameen-PTI

اسلام آباد جي عدالت گاڏيءَ مان شراب هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ صوبائي وزير علي امين گنڊاپور جي 2 ڊسمبر تائين ضمانت منظور ڪندي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي پوليس کي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي سيشن جج سهيل اڪرام جي عدالت ۾ شراب رکڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران صوبائي وزير علي امين گنڊاپور به پيش ٿيو.

عدالت علي امين گنڊاپور کي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس کي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پي ٽي آءِ جي اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ بني گالا ويندڙ علي امين گنڊاپور جي گاڏيءَ مان شراب هٿ اچڻ تي پوليس باره ڪَهــُو ٿاڻي تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*