لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي ڊائلاسز يونٽ ۾ ڊائلاسز هالو فائبر ڪٽس ختم ٿيڻ ڪري يونٽ 2 ڏينهن کان بند پيل آهي

larkana mareez

لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي ڊائلاسز يونٽ ۾ ڊائلاسز  هالو فائبر ڪٽس ختم ٿيڻ ڪري يونٽ 2 ڏينهن کان بند پيل آهي، جنهن ڪري 200 کان وڌيڪ مريض پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا، ان دوران هڪ مريض بيهوش ٿي ڪرڻ سبب سندس مٿو ڦاٽي پيو، ايم ايس موجب اڄ ڪٽس گهرائي ڊائلاسز يونٽ کوليو ويندو.

 لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾  ڊائلائسز لاءِ استعمال ٿيندڙ هالو فائبر ڪٽس ختم ٿي وڃڻ ڪري گذريل ٻن ڏينهن کان يونٽ بند پيل آهي.

يونٽ بند ٿيڻ ڪري ڊائلاسز لاءِ آيل 200 کان وڌيڪ مريض سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان دوران هڪ مريض بيهوش ٿي ڪرڻ سبب سندس مٿو ڦاٽي پيو.

مريضن جو چوڻ آهي ته گذريل هڪ هفتي کان ڊائلاسز يونٽ بند پيل آهي، جنهن ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته ڊائلاسز لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ فائبر ڪٽ 1500 سئو رپين جي  آهي، جيڪا هو اسٽورز تان خريد ڪري رهيا آهن.

هنن صحت کاتي پاران مطالبو ڪيو ته ڊئلاسز لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪٽس فوري طور گهرائي ڊائلاسز يونٽ کي کوليو وڃي.

 چانڊڪا اسپتال  جي ايم ايس جاويد شيخ جو چوڻ آهي ته لاهور مان 1200 فائبر ڪٽس گهرايون ويون آهن جيڪي اڄ پهچي وينديون. ………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*